ملڪ ۾ ڪورونا جا حملا جاري،وڌيڪ 83 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ اندر عالمي وبا ڪورونا جا حملا جاري آهن ۽ وائرس سبب وڌيڪ 83 مريض فوت ٿي ويا. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جون 60 هزار 527 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 3 هزار 902 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي. سرڪاري پورٽل تي ٻڌايو ويو آهي ته 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسز جي شرح 6 سيڪڙو کان مٿي رهي.انگن اکرن موجب ملڪ ۾ ڪورونا متاثرن جو مجموعي انگ 26 هزار 413 ۽ فوتين جو مجموعي انگ 11 لک 90 هزار 136 ٿي ويو آهي. ان کانسواءِ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 4 هزار 387 مريض ڪورونا مان صحتياب ٿي ويا، جنهن بعد مجموعي طور تي صحتياب ٿيلن جو انگ 10 لک 71 هزار 776 ٿي ويو آهي جڏهن ته فعال ڪيسز جو انگ 91 هزار 747 آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔