ڪورونا وائرس بابت اسان جا کوڙ سارا فيصلا غير مقبول رهيا: وڏو وزير

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آھي تھ ڪورونا وائرس بابت اسان جا کوڙ سارا فيصلا غير مقبول رهيا پر انهن جو نتيجو بهتر سامهون آيو، ٽيڪنالاجي ذريعي ئي ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ ۾ ڪاميابي ملي. وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي يونيورسٽي ۾ عالمي ڪانفرنس جي افتتاح بعد ميڊيا سان ڳالھيون ڪيون، مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ ڪورونا جي شرح 7 سيڪڙو آهي، روزانو 20 هزار ماڻهن جي ٽيسٽ ڪئي پئي وڃي، وڏي وزير صحت کاتي طرفان قائم جديد ليبارٽري جو به افتتاح ڪيو، تقريب ۾ صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔