موتمار بيمارين کان بچڻ جو سولو حل

هونئن ته زندگي ۽ موت قدرتي طور ٿيندو آهي پر انجا سبب انسانن جي هٿ ۾ ئي هوندا آهن، انسان ڪوشش ڪري ته ڪنهن کي به جياري سگهي ٿو.
موت ڪنهن نه ڪنهن سبب يا بهاني سان واقع ٿيندو آهي، حادثاتي ۽ اوچتي موت کانپوءِ موت جو سڀ کان وڏو سبب بيماري آهي.
جيڪڏهن ڪنهن به ماڻهو کي ڪا موذي بيماري آهي انجي زندگي موت سان جنگ جهيڙيندي گذرندي آهي ۽ ان بيماري مان نجات لاءِ مختلف علاجن جي ضرورت پوندي آهي ۽ علاج ۾ وٺندڙ دوائون به گهڻي حد تائين سائيڊ افيڪٽس سان ڀريل هونديون آهن جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته هڪ علاج لاءِ استعمال ٿيندڙ دوا ان مرض کي ته فائدو پهچائيندي آهي پر ڪجهه ٻين بيمارين جا اثر ضرور ڇڏيندي آهي جنهنڪري لڳاتار دوائن جو استعمال ماڻهو کي بيمارين کان ڇڏائڻ بدران مختلف بيمارين ۾ وڪوڙيندو ويندو آهي.
موت کان بچاءَ جي هن وقت تائين ته ڪا به دوا نه نڪتي آهي تنهن هوندي به موت جو سبب بڻجندڙ بيمارين کان بچاءَ لاءِ دنيا ۾ ڪيتريون ئي دوائون موجود آهن.
اسان به هتي مختلف بيمارين ۽ موت کان بچاءَ لاءِ اهڙي ئي علاج جي باري ۾ توهان کي ٻڌائينداسين جنهن جي استعمال سان توهان ڪيترن ئي موذي بيمارين کان به بچي سگهو ٿا ۽ ٿوري زندگي ۾ موت جي سببن کي به گهٽائي سگهو ٿو.
عمر جي وچ ۾ جمساني طور گهڻو متحرڪ رهڻ سان دل جي شريانن سان جڙيل بيماريون جي ڪري موت جو خطرو تمام گهڻو گهٽجي ويندو آهي.
اهڙي ڳالهه آمريڪا ۾ هڪ نئين طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.
اهو مڃيو ويو آهي ته جسماني سرگرميون ڪيترن ئي بيماري جيئن دل جي شريانن جون بيماريون، ذيابطيس ۽ ڪينسر جي مختلف قسمن کان بچائي سگهن ٿيون.
جسماني سرگرمين جي اثرن جي جاچ پڙتال لاءِ ميساچوسٽس يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ فار اپلائيڊ سائنسز ماهرن وڏو ڪم ڪيو آهي.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته روز گهٽ ۾ گهٽ 7 هزار قدم هلڻ ڪيترن ئي بيمارين کان بچائي سگهي ٿو جنهن جي ڪري موت جا خطرا 50 کان 70 سيڪڙو گهٽ ڪري سگهجن ٿا.
ان تحقيق جا نتيجا طبي ميگزين جاما نيٽ ورڪ ۾ ڇپيا آهن.
ان کان اڳ اپريل 2020۾ ٿيل هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو هو ته جواني ۾ سرگرميون ڪرڻ معمول بڻائڻ سان وچ واري عمر ۾ هاءِ بلڊ پريشر جهڙي خاموش قاتل مرض ۾ مبتلا هجڻ جا خطرا ڪيترائي گهٽائي سگهجن ٿا.
جيڪڏهن توهان کي خبر ناهي ته ڄاڻي وٺو هاءِ بلڊ پريشر دل جي دوري، فالج ۽ دماغي بيمارين جو سبب بڻبو رهندو آهي.
ان تحقيق ۾ ٻڌايو ويو هو ته ڏينهن ۾ ٿوري دير لاءِ گهمڻ ڦرڻ سان ذيابطيس ۽ بلڊ پريشر جهڙي مرضن جا خطرا گهٽائي سگهجن ٿا.
ماهرن چيو آهي ته وچ عمر ۾ جيترو پنڌ هلڻ جي عادت وڌي ويندي اوترو ئي ذيابطيس ۽ هاءِ بلڊ پريشر جي خطرن کي گهٽائي سگهجي ٿو.
مطلب ته جيڪڏهن توهان روزانو پنڌ ڪرڻ پنهنجي عادتن ۾ شامل ڪري ڇڏيو ته توهان انهن خطرناڪ بيمارين سميت پيٽ جي ڪيترن ئي بيمارين مان بچي سگهو ٿا جيڪي موت جو ڪارڻ به بڻبيون آهن.
جيڪڏهن ائين چئجي ته روزانو پنڌ ڪرڻ جي عادت توهان جي عمر گهٽ ٿيڻ کان بچائي سگهي ٿي ۽ توهان جي موت جا سبب گهٽائي توهان کي پنهنجي عمر جي آخري حد تائين وٺي وڃي سگهي ٿي ته غلط نه هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔