ناليوارو موسيقار وزير افضل لاڏاڻو ڪري ويو

”سيوني ميري دل دا جاني“ جهڙي مشهور گاني جو خالق وزير افضل لاڏاڻو ڪري ويو.
موسيقار وزير افضل پاڪستان فلم انڊسٽري کي سوين اڻ ملهه گيت ڏنا.
وزير افضل کي سندس شاندار خدمتن عيوض صدارتي ايوارڊ پرائيڊ آف پرفارمنس سان به نوازيو ويو هو.
ناليوارو موسيقار وڏي عرصي کان وٺي لاهور ۾ بيماري سان جنگ جهيڙي رهيو هو جيڪو اڄ فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي.
شوبز سان سلهاڙيل شخصيتن سندس موت کي هڪ دور جي پڄاڻي قرار ڏنو ۽ ڌڻي در دعا ڪئي ته الله پاڪ مرحوم جا درجا بلند ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔