ڏوهن کان پاڪ ۽ تعليم يافتا ڳوٺ، پاڪستان ۽ دنيا لاءِ مثال

رسول پور ، پاڪستان جو هڪ ننڍو ڳوٺ آهي جيڪو اتر اولهه پنجاب ۾ آهي، اهو ڳوٺ دنيا لاءِ تهذيب جو هڪ نمونو ٿي سگهي ٿو.
ان ڳوٺ ۾ 100 سيڪڙو خواندگي ۽ 0 سيڪڙو ڏوهن جي شرح آهي،ڳوٺ ۾ هر سال 8 سيپٽمبر تي تعليم جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي ۽ ماڻهو هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏيندا آهن ان سان گڏوگڏ اسڪول جي استادن جي تعليم جي مضبوط عزم کي ساراهين ٿا.
ترڪي ۾ اناطوليا ايجنسي سان ڳالهائيندي، رسول پور ۾ گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول جي پرنسپال مهتاب جھان چيو ته: سمورو ڳوٺ سگريٽ نوشي کان بلڪل پاڪ آهي، هڪ به ماڻهو سگريٽ نوشي ناهي ڪندو
رسولپور جي آبادي 2،000 کان 3،000 تائين آھي ۽ ڳوٺ ۾ گھڻو ڪري احمداڻي بلوچ آباد آھن ، جن جا ابا ڏاڏا 1933-34 ۾ بلوچستان کان ھتي لڏي آيا ھئا.
ان وقت آمدنيءَ جو ڪو ذريعو نه هجڻ ڪري تعليم ئي انهن لاءِ معيشت جو واحد ذريعو بڻجي وئي.
ان ڳوٺ ۾ 2 هاءِ اسڪول ۽ هڪ پرائمري اسڪول آهي. هاءِ اسڪول مان تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ شاگرد ڳوٺ ويجهو تقريب 5 کان 6 ميل پري ڄام پور سٽي ڪاليج ڏانهن پڙهائي لاءِ ويندا آهن.
هن ٻڌايو ته ”منهنجي اسڪول ۾ 300 ڇوڪريون آهن ۽ ڇوڪرن جي اسڪول ۾ به تقريبن ايترو ئي انگ تعليم پرائي رهيو آهي،“
مهتاب جهان چيو. اسان رڳو پنهنجو نالو لکڻ تي گڏيل قومن جي ساراهه نٿا ڪيون پر هر ڪنهن کي هتي هاءِ اسڪول جي تعليم مڪمل ڪرڻي هوندي آهي ٻئي صورت ۾ انهن جي وڏن طرفان انهن کي سماج جو حصو بڻجڻ جي اجازت ناهي ملندي.
پاڪستان سوشل اينڊ لونگ اسٽينڊرڊ سروي موجب 2019-20 ۾ ملڪ ۾ خواندگي جي شرح 60 سيڪڙو ھئي.
هن ڳوٺ جون سڀئي عورتون تعليم يافته آهن ۽ گذريل 100 سالن ۾ ڪوبه ڏوهه نه ڪيو ويو آهي
ماڻهن جي سماجي روين جي وضاحت ڪندي مهتاب جهان 100 سيڪڙو خواندگي جي شرح حاصل ڪرڻ ۾ سڀني کان اهم عنصر کي اجاگر ڪيو.
هن چيو ته سموري عورتن جو تعليم يافتا هجڻ عورتن جي تعليم جي اهميت ٻڌائي ٿو. اھو ئي بنيادي سبب آھي جو ته ٻار جڏهن 4 يا 5 سالن جا ٿيندا آهن ته تعليم حاصل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن.
ڳوٺ ۾ ھڪڙي رسولپور ڊولپمينٽ سوسائٽي ڪم ڪندي آهي جيڪا انھن ماڻھن لاءِ چندو گڏ ڪري ٿي جيڪي تعليم جا خرچ پورا نٿا ڪري سگهن.
ڄام پور جي اسسٽنٽ ڪمشنر محمد فاروق ڳوٺ جي اهميت بابت ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان کي دنيا ۾ ڪهڙي ريت پاڪستان کي ڏٺو وڃي.
هن چيو ته هي ڳوٺ سڄي دنيا لاءِ پاڪستان جي حقيقي تصوير جي نمائندگي ڪري ٿو. هتان جي ماڻهن گڏجي اهو ممڪن بڻايو آھي ته ھر ڪنھن لاءِ تعليم ۽ رھائش لاءِ صاف ۽ دوستاڻو ماحول ھجي.
هن ڳوٺ ۾ تعليم جي ڏهاڪن کان پراڻي وابستگي کي برقرار رکڻ لاءِ هڪ سالياني تقريب منعقد ڪئي ويندي آهي ته جيئن ٻارڙن ۽ انهن جي والدين جي حوصله افزائي ڪئي وڃي ته انهن شاگردن جي عزت ڪئي وڃي جيڪي يونيورسٽي سطح جي امتحانن ۾ پوزيشنون ماڻن ٿا.
رسول پور جي رھواسي دلاور سليم چيو ته ”شاگردن جي حوصلا افزائي ڪرڻ ۽ انھن کي پنهنجي وڏن ۽ ڀيڻن ڀائرن جي ڪاميابي جون ڳالهيون ٻڌائڻ سان انھن کي وڏا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ مدد ملندي آهي ۽ اهي انهن مان متاثر ٿيندا آهن.
نه رڳو 100سيڪڙو خواندگي هن ڳوٺ جي سڃاڻ آھي پر ماڊل ڳوٺ جي پوليس اسٽيشن ۾ گذريل 100 سالن ۾ ھڪڙو به ڏوھ جو ڪيس داخل نه ڪيو آھي، جيڪو ظاھر ڪري ٿو ته ماڻھو هر ڪنهن جي حقن لاءِ ڪيڏا نه ذميوار آھن.
دلاور سليم موجب ”اسان وٽ ماڻھن جي رابطن جو هڪ مضبوط نيٽ ورڪ آھي، جيڪو اسان وٽ اسان جي ابن ڏاڏن کان هلندو پيو اچي. قانون ۽ امان کي برقرار رکڻ ۾ ڪير به پنهنجي حدن کان ٻاهر نٿو نڪري سگهي. ھي اھو اصول آھي جنهن جي ڪري اسان پنهنجي ڳوٺ ۾ ڏوھن جي شرح کي ٻڙي تي رکي سگهيا آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔