بابر اعظم به مطمين ناهي، رميز راجا جو چونڊ بابت اڌ ۾ نه اچڻ جو مشورو

لاهور: هيڊ ڪوچ کي عهدي تان دستبردار ٿيندڙ مصباح الحق به ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جي جوڙجڪ ۾ صلاح مشورو نه ڪرڻ تي پي سي بي سان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو.
جنهن کانپوءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم به ورلڊ ڪپ جي لاءِ چونڊيل قومي اسڪواڊ مان مطين ناهي.
ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جي چونڊ مان خوش ناهي، ڪپتان بابر اعظم کي اعظم خان ۽ صهيب مقصود کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ تي اعتماد ۾ نه ورتو ويو.
ذريعن موجب چيف سليڪٽر محمد وسيم امڪاني چيئرمين رميز راجا سان صلاح مشوري کانپوءِ انهن ٻنهي رانديگرن کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪري ڇڏيو جڏهن ته بابر اعظم فهيم اشرف ۽ فخر زمان کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ جي حق ۾ هو.
ذريعن اهو به چيو آهي ته رانديگرن جي سليڪشن جي حوالي سان بابر اعظم رميز راجا کي ٻه ڀيرا فون ڪئي، رميز راجا ڪپتان جي ڳالهه ته ٻڌي پر انکي پيغام ڏنو ويو ته راند تي وڌيڪ فوڪس رکي، رانديگرن کي شامل ڪرڻ ۽ ڪڍڻ تي ڌيان گهٽ ڏئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔