افغانستان ۾ عبوري حڪومت جو اعلان، ملا محمد حسن اخوند عبوري وزيراعظم هوندو: ذبيح الله مجاهد

ڪابل: طالبان افغانستان جي عبوري حڪومت جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ ملا محمد حسن اخوند کي عبوري وزيراعظم مقرر ڪيو ويو آهي.
طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ پريس ڪانفرنس ۾ عبوري حڪومت لاءِ ڪابينا ميمبرن جي نالن جو اعلان ڪيو.
هن ٻڌايو ته ملا محمد حسن اخوند عبوري وزيراعظم هوندو، جڏهن ته ملا عبدالغني برادر ۽ مولوي عبدالسلام حنفي نائب وزيراعظم هوندا.
سندس چوڻ هو ته طالبان جي باني امير ملا عمر جي پٽ ۽ ملٽري آپريشن جي سربراهه ملا محمد يعقوب مجاهد کي عبوري بچاءَ وارو وزير مقرر ڪيو ويو آهي، ان جو نائب ملا محمد فاضل اخوند هوندو، جڏهن ته ڪمانڊر قاري فصيح الدين افغانستان جو آرمي چيف هوندو.
طالبان ترجمان موجب سراج الدين حقاني گهرو وزير ۽ مولوي نور جلال نائب گهرو وزير هوندو، جڏهن ته مولوي امير خان متقي کي پرڏيهي وزير مقرر ڪيو ويو آهي ۽ ان جو نائب شير محمد عباس استنڪزئي هوندو.
عبوري حڪومت ۾ ملا هدايت الله بدري ناڻي وارو وزير ۽ شيخ الله منير تعليم وارو وزير مقرر ڪيو ويو آهي، خليل الرحمان حقاني پناهگيرن بابت وزير ۽ خير الله خيرخواهه اطلاعات ۽ ثقافت جو وزير هوندو، جڏهن ته ذبيح الله مجاهد کي نائب وزير اطلاعات ۽ ثقافت مقرر ڪيو ويو آهي.
طالبان چيو آهي نور محمد ثاقب حج ۽ اوقاف بابت وزير، عبدالحڪيم انصاف وارو وزير ۽ نور الله نوري سرحد پار ۽ قبيلن بابت وزير هوندو.
معدنيات ۽ پيٽروليم جي وزارت محمد عيسيٰ اخوند، پاڻي ۽ توانائي واري وزارت ملا عبداللطيف منصور ۽ سول ايوي ايشن ۽ ٽرانسپورٽ واري وزارت ملا حميد الله اخوندزاده وٽ هوندي.
افغانستان جي عبوري ڪابينا ۾ اعليٰ تعليم بابت وزير عبدالباقي حقاني ۽ مواصلات وارو وزير نجيب الله حقاني هوندو، جڏهن ته عبدالحق واثق کي انٽيليجنس جو ڊائريڪٽر ۽ مرڪزي بئنڪ جو ڊائريڪٽر حاجي محمد ادريس کي مقرر ڪيو ويو آهي.
طالبان ترجمان موجب نوان مقرر عهديدار سڀاڻي کان پنهنجو ڪم شروع ڪندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔