ججز بحالي تحريڪ مان گهربل مقصد حاصل نه ٿيا پر جج بحال ٿي ويا: چيف جسٽس اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ

اسلام آباد: اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو آھي تھ عوام جو عدالتي نظام تي اعتماد نه هجي ته اهو آمراڻي قوتن لاءِ سازگار ماحول هوندو آهي، رياست جا سمورا ٿنڀ عزم ڪن ته اهي پنهنجي دائري ۾ رهِي سستو ۽ تڪڙو انصاف ممڪن ڪري ڏيکاريندا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اسلام آباد ۾ ڊسٽرڪٽ ڪورٽس جي عمارت جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪيو، چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته سستو ۽ فوري انصاف شهرين جو بُنيادي حق ۽ رياست جي ذميواري آهي، 6 ڏهاڪن کانپوءِ رياست نيٺ مڃي ورتو ته عدالتي نظام جا اصل اسٽيڪ هولڊر عوام ۽ سائل آهن، 2007ع جي تحريڪ سان ججز ته بحال ٿيا پر قانون جي بالادستي وارو اصل مقصد حاصل نه ٿي سگهيو، جنهن معاشري ۾ شاهدي اڻلڀ هجي، اُتي عدالتي نظام به بيوس بڻجي ويندو آهي…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔