اسرائيلي جيل مان 6 فلسطيني قيدي فرار

تل ابيب : اسرائيل جي هڪ هاءِ سيڪيورٽي جيل مان 6 فلسطيني فرار ٿي ويا.
رپورٽن موجب فرار ٿيندڙن مان 5 قيدين جو واسطو اسلامڪ جهاد سان آهي، هڪ فلسطيني جو واسطو حڪمران جماعت فتح پارٽي سان آهي.
اهو واقعو اتر اسرائيل ۾ گلبائو نامي جيل ۾ پيش آيو، جنهن کانپوءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو.
هوڏانهن فلسطينين جي اسرائيلي جيل مان ڀڄڻ تي ڪيترن ئي علائقن ۾ جشن پڻ ملهايو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔