ليبيا جي اڳوڻي صدر معمر قذافي جو پُٽ آزاد

ٽرپولي: ليبيا جي اڳوڻي صدر معمر قذافي جو پُٽ آزاد ست سالن کانپوءِ جيل مان آزاد ٿي ويو.
عرب ميڊيا موجب ليبيا اختيارين معمر قذافي جي پُٽ سعدي قذافي کي آزاد ڪرڻ کانپوءِ فوري طور تي جهاز ذريعي استنبول روانو ڪري ڇڏيو.
ميڊيا رپورٽن موجب ليبيا ۾ 2011 ۾ٿيندڙ بغاوت کانپوءِ سعيد قذافي نائيجيريا فرار ٿي ويو هو جڏهن ته 2014 ۾ کيس ڏيهه واپس آندو ويو ۽ طرابلس جي جيل ۾ قيد ڪيو ويو هو.
اڳوڻي فٽبالر سعدي قذافي تي الزام هو ته هو 2011 ۾ ملڪ ۾ مظاهرا ڪندڙن خلاف ڏوهن ۾ ملوث آهي جڏهن ته هن تي 2005 ۾ ليبيا جي فٽبال ڪوچ کي قتل ڪرڻ جو به الزام هو جنهن ۾ کيس 2018 ۾ بيگناهه قرار ڏنو ويو هو.
پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب سينيئر قبائلي اڳواڻن ۽ ليبيا جي وزيراعظم عبدالحميد وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ سعدي قذافي کي آزاد ڪيو ويو.
واضح رهي ته ليبيا جي اڳوڻي صدر معمر قذافي کي 2011 ۾ ٿيندڙ بغاوت کانپوءِ قتل ڪيو ويو هو ۽ سعدي قذافي ان جو پُٽ آهي جيڪو ست سالن کانپوءِ جيل مان آزاد ٿيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔