موبائل ڳهندڙ همراهه جو ڇا ٿيو؟

سڄي دنيا ۾ ماڻهن جي ننڍيون وڏيون شيون ڳهڻ جا ڪيترائي واقعا سامهون ايندا رهندا آهن پر بلقان جي رياست ڪوسووو ۾ تازو پيش آيل واقعي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.
مسلمان جي اڪثريت واري ملڪ ڪوسووو ۾ 33 سالن جو شخص نوڪيا جو پراڻي ماڊل جو هڪ جڳ مشهور فون 3310 ڳهي ويو، جنهن کانپوءِ ڊاڪٽرن ان شخص جي زندگي بچائڻ لاءِ سرجري ڪرڻي پئي.
ميڊيا رپورٽن موجود ڪوسووو جي گادي واري هنڌ پريستينا ۾ هڪ شخص درد ۾ رڙندو اسپتال پهتو ۽ ٻڌايو ته هن موبائل فون ڳهي ڇڏي آهي.
رپورٽون ٻڌائين ٿيون ته ان شخص جي هضم ڪرڻ لاءِ فون جي سائز وڏي هئي انکانسواءِ بيٽري ۾ موجود ڪوروسِو ايسڊ معدي ۾ به داخل ٿي پئي سگهيو جنهن جي ڪري ان شخص جي زندگي کي خطرو هو.
33 سالن جي شخص جي سرجري ڪندڙ ڊاڪٽر سڪينڊر تيلجاڪو ٻڌايو ته ڳهيو ويندڙ فون اينڊو اسڪولپي ذريعي معدي کي بنا ڪٽڻ جي ٽن حصن ۾ ٻاهر ڪڍيو ويو جڏهن ته سرجري دوران ڪا ڏکيائي به پيش نه آئي.
معدي مان فون ڪڍڻ کانپوءِ ميڊيڪل ٽيم جي سربراهه سڪينڊر تليجاڪو طرفان ان فون ۽ ايڪسري جون تصويرون به سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون ويون، تصويرن ۾ ڳهي ويندڙ فون کي معدي مان ڪڍڻ کانپوءِ ڏسي سگهجي ٿو.
اهڙي ريت ايڪسري ۽ اينڊو اسڪوپي ۾ به ڳهي ويندڙ فون کي واضح طور ڏسي سگهجي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔