ناليواري ڀارتي اداڪارا به 200 ڪروڙ رپين جي ڀتي خوري ۾ گرفتار

ممبئي: باليووڊ ۾ اداڪارن توڙي اداڪارائن جا مختلف اسڪينڊل وائرل ٿيندا رهندا آهن.
شوبز ستارن جون زندگيون به عوام سان گهڻيون ٻڌل هونديون آهن جن جي پرائيويسي رڳو انهن جي پرائيويسي ناهي رهندي پر ان جا اثر عوام ۽ انهن جي ڪيريئر تي گهڻا پوندا آهن.
شوبز ستارن جا ذاتي ڪم عوام لاءِ خوشي ۽ ڏک جو سبب بڻبا رهندا آهن جنهن جي ڪري انهن جي زندگي ۽ ڪيريئر تي گهڻو اثر پوندو آهي.
ڀارت جي ناليواري اداڪارا کي 200 ڪروڙ رپين جي ڀتاري جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب انفورسمنٽ ڊاريڪٽر طرفان جاچ جي ٻن هفتن کانپوءِ ڀارت جي ناليواري اداڪارا لينا ماريا پال کي دهلي پوليس اڪنامڪ آفنسز ونگ ناليواري ڪاروباري خاندان کان 200 ڪروڙ رپيا ڀتو وٺڻ جي معاملي ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب باليووڊ اداڪارا لينا ماريا 2013 ۾ جان ابراهيم جي فلم ”مدراس ڪيفي“ ۾ ڪردار ادا ڪيو هو.
اداڪارا لينا مارياجي بواءِ فرينڊ سوڪيش چندر شيڪر تازو ئي بينڪ مينيجر سان سميت دوستن سان گڏ ڀتي خوري جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.
لينا ماريا جي بواءِ فرينڊ سوڪيش چندر شيڪر خلاف جڏهن مهاشٽرا ڪنٽرول آف آرگنائيزڊ ڪرائيم ايڪٽ جي تحت ڪيس داخل ڪيو ته ان ۾ اداڪارا کي به ملوث ڄاڻايو ويو.
انفورسمينٽ ڊاريڪٽر طرفان مني لانڊرنگ ڪيس ۾ 23 آگسٽ تي ڪارروائي دوران 16 تمام مهانگيون گاڏيون، چنئي ۾ سمنڊ ڪناري تي واقع بنگلو، 52.5 لک رپيا ڪيش، 2 ڪلو سون قبضي ۾ ورتو ويو هو جنهن ۾ اداڪارا لينا ماريا جو بواءِ فرينڊ سوڪيش چندر شيڪر به مبينا طور تي ملوث نڪتو.
اهي سموريون شيون اداڪارا کان جاچ کانپوءِ ڪارروائي ڪندي قبضي ۾ ورتيون ويون هيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔