دل جي مريضن کي مدي خارج اسٽنٽ وجهڻ تي پنجاب حڪومت کان جواب طلب

لاهور : لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي ۾ مدي خارج اسٽنٽ وجهڻ خلاف درخواست تي پنجاب حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ شهري فرحت منظور جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، درخواست گذار موقف اختيار ڪيو ته پنجاب جي سڀ کان وڏي اسپتال پي آءِ سي ۾ 15 مريضن ۾ مدي خارج اسٽنٽ وڌا ويا، مريضن کي جون 2021 ۾ جيڪي اسٽنٽ وڌا ويا، اهي مئي ۾ ايڪسپائر ٿي ويا هئا، اهڙو عمل قيمتي انساني جانين سان کيڏڻ آهي.
شهري عدالت کي اپيل ڪئي ته معافي نه ملڻ جهڙي ڏوهه ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي ته جيئن انساني جانين سان کيڏڻ جو سلسلو بند ٿي سگهي.
عدالت درخواست تي پنجاب حڪومت ۽ ٻين ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔