ڪراچي مان پئسو کڻي دبئي ۾ لڳايو ويندو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آھي تھ ڪراچي مان پئسو کڻي دبئي ۾ لڳايو ويندو آهي، اسان قانون جي بالادستي ۽ نظام کي ٺيڪ ڪرڻ جي جنگ وڙهي رهيا آهيون، ماضي ۾ ڪنهن به حڪومت ايڪسپورٽ وڌائڻ جي ڪوشش نه ڪئي، موجوده حڪومت ايڪسپورٽ وڌائڻ لاءِ قدم کنيا، هن سال 30 ارب ڊالرز تائين ايڪسپورٽ ٿيڻ جي اُميد آهي، سمنڊ پار پاڪستانين کي سيڙپڪاري جا موقعا ملڻ گهرجن، اُهي سيڙپڪاري ڪندا ته ملڪي معيشت مضبوط ٿيندي. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو تھ اربين رُپيا چوري ڪري پرڏيهه موڪليندڙ هاڻي حوڪمت تي حملا ڪري رهيا آهن، سندن هڪ ئي مسئلو آهي ته ملڪ اندر قانون جي بالادستي نٿا چاهين، اُهي ڪرپٽ نظام مان فائدو وٺي ويٺا آهن. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرپٽ نظام هجڻ ڪري ملڪ ۾ سيڙپڪاري نه ٿيندي آهي، دبئي ۾ قانون جي بالادستي هجڻ سبب هتان جا ماڻهو اوڏانهن پئسو اُماڻين ٿا، ڪراچي مان به ماڻهو پئسو دبئي ۾ لڳائي رهيا آهن، اسان جي جنگ ڪرپٽ نظام خلاف ۽ قانون جي بالادستي لاءِ آهي، ماضي ۾ ڪنهن به ايڪسپورٽ وڌائڻ تي ڌيان نه ڏنو، سمند پار پاڪستانين کي سيڙپڪاري جو موقعو مليو ته ملڪي معيشت سگهاري ٿيندي ۽ ايڪسپورٽ ۾ اضافو ٿيندو، موجوده حڪومت ايڪسپورٽ وڌائڻ لاءِ قدم کنيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔