سنڌ ھاءِ ڪورٽ: 2017ع ۾ جي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي ڀرتي ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان 2017ع ۾ جي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي ڀرتي نه ڪرڻ تي سيڪريٽري ايجوڪيشن اڪبر لغاري مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو. جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏنا ته اوهان وٽ ڪواليفاءِ ماڻهو موجود آهن، پر کين ڀرتي ڪرڻ بدران ڌڪا کائڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي، عدالت طرفان مهيني اندر 107 اميدوارن کي ڀرتي ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته جن اميدوارن جي عمر وڌي وئي آهي، انهن کي 3 سالن جي رعايت ڏني وڃي، سيڪريٽري ايجوڪيشن ٻڌايو ته ڀرتين لاءِ ڪميٽي جوڙي آهي، اميدوارن جا جائز مطالبا تسليم ڪيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔