آدشماري جي تڪراري نتيجن تحت مڪاني چونڊون نٿا ڪرائي سگهون: مرتضيٰ وھاب

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن ۾ مڪاني چونڊن بابت ڪيس ۾ مرتضيٰ وهاب موقف ڏيندي چيو تھ آدشماري جي تڪراري نتيجن تحت مڪاني چونڊون نٿا ڪرائي سگهون، پارليامينٽ آدمشماري نتيجن کي ڪالعدم قرار ڏئي سگهي ٿي، ڇا اسلام آباد، پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ چونڊون ٿي ويون؟، رڳو سنڌ حڪومت تي ئي ڳالهايو ويندو آهي. سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چيو ته سنڌ سرڪار جي قدم مان لڳي ٿو ته ايندڙ 18 مهينن تائين بلدياتي چونڊون نٿا ڪرائڻ گُهرن، اليڪشن ڪميشن ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔