شھباز شريف جي ڌيءَ ۽ ناٺي جا اثاثا تحويل ۾ وٺڻ جي لاءِ ڪارروائي شروع

لاھور: قومي احتساب بيورو (نيب) اپوزيشن ليڊر شھباز شريف جي ڌي ۽ ناٺي جا اثاثا تحويل ۾ وٺڻ جي لاءِ ڪارروائي جو آغاز ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب نيب رابعا عمران ۽ علي عمران جي اثاثن جا تفيصل طلب ڪري ورتا آھن ۽ اثاثن جي مڪمل تفيصلن جي لاءِ رجسٽريشن اٿارٽيز کي خط جاري ڪيو آھي. ذريعن جو چوڻ آھي تھ نيب طرفان ايڪسائيز، ڪوآپريٽو، اسٽيٽ بينڪ ۽ ايس اي سي پي سميت ٻين ادارن کي خط موڪليا ويا آھن جنھن ۾ علي عمران ۽ رابعا عمران جي نالن تي موجود رڪارڊ طلب ڪيو ويو آھي. واضح رھي تھ احتساب عدالت ڪيس ۾ ملزمن جي لاڳيتي غيرحاضري تي ڪارروائي جي ھدايت ڪئي ھئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔