”آمريڪا ٻيهر پنهنجا فوجي افغانستان موڪليندو“

آمريڪا طالبان سان معاهدي تحت 20 سالن کانپوءِ افغانستان مان نڪري ويو آهي، جنهن کانپوءِ طالبان افغانستان ۾ نئين حڪومت لاءِ مشاورت ڪري رهيا آهن، جنهن جو اعلان ڪجهه ڏينهن ۾ ٿي سگهي ٿو.
طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد ملڪي فوج جي اڳوڻا سپاهين کي ٻيهر فوج جو حصو بڻجڻ جي آڇ ڪندي اهو به چيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن طالبان ويڙهاڪن خلاف بغاوت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
طالبان ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومت سازي جون تياريون به حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪيون آهن ۽ جلد پهريون عبوري نظام متعارف ڪرايو ويندو.
هوڏانهن آمريڪا جي ريپبلڪن سينيٽر لنزي گراهم دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا افغانستان ۾ واپس ويندو.
پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي سينيٽر لنزي چيو ته آمريڪا کي واپس افغانستان وڃڻو پوندو، طالبان افغانستان کي مڪمل طور ڪنٽرول نه ڪري سگهندا.
پنهنجي بيان ۾ لنزي گراهم چيو ته افغانستان جي حالتن کان مجبور ٿي آمريڪا کي ٻيهر افغانستان ۾ فوجي موڪلڻا ئي پوندا.
واضح رهي ته ان کان اڳ يورپي يونين طرفان به طالبان حڪومت کي تسليم نه ڪرڻ جو چيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔