دل جي مريضن کي مدي خارج اسٽنٽ لڳائڻ جو انڪشاف

دل جو مرض انتهائي خطرناڪ هوندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ انسان زندگي تان به هٿ ڌوئي ويهندو آهي.
اهڙن مريضن کي بچڻ جي اميد الله پاڪ کانپوءِ ڊاڪٽرن ۾ هوندي آهي پر جيڪڏهن ڊاڪٽر ئي انساني جانين جا دشمن بڻجي وڃن ته ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو الميو نٿو ٿي سگهي.
پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي (پي آءِ سي) لاهور ۾ دل جي مريضن کي مدي خارج اسٽنٽ لڳائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
پي آءِ سي لاهور ۾ دل جي مريضن کي ايڪسپائر اسٽنٽ لڳائڻ خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو ويو آهي.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ سردار فرحت منظوري چانڊيو نالي شخص درخواست داخل ڪرائيندي پنجاب حڪومت، سيڪريٽري صحت ۽ پي آءِ سي انتظاميا کي ڌر بڻايو آهي.
درخواست گذار موجب پنجاب جي سڀ کان وڏي اسپتال پي آءِ سي ۾ 15 مريضن ۾ مدي خارج اسٽنٽ وڌا ويا، مريضن کي جون 2021 ۾ جيڪي اسٽنٽ وڌا ويا، اهي مئي ۾ ايڪسپائر ٿي ويا هئا، اهڙو عمل قيمتي انساني جانين سان کيڏڻ آهي.
شهري عدالت کي اپيل ڪئي آهي ته معافي نه ملڻ جهڙي ڏوهه ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي ته جيئن انساني جانين سان کيڏڻ جو سلسلو بند ٿي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔