شاهنواز ڏاهاڻي کي ڪيويز خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ به موقعو ملڻ جو امڪان

لاهور : پاڪستان سپر ليگ ۾ زبردست ڪارڪردگي ڏيکاري سڄي دنيا جو ڌيان ڇڪائيندڙ لاڙڪاڻي واسي نوجوان فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي کي نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ قومي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جو به امڪان آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪشن ڪميٽي تازو نيوزيلينڊ خلاف ون ڊي سيريز لاءِ قومي ٽيم جو اعلان ڪيو هو، جنهن ۾ افتخار احمد ۽ خوشدل شاهه جي واپسي ٿي هئي، جڏهن ته شاهنواز ڏاهاڻي ۽ زاهد محمود کي پهريون ڀيرو ون ڊي اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو هو.
ذريعن موجب ڪيويز خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ رانديگرن جي نالن تي غور ويچار جاري آهي ۽ نئين چيئرمين رميز راجا سليڪشن ڪميٽي کي گائيڊ لائنز ٻڌائي ڇڏيون آهن، چيف سليڪٽر ميمبرن ۽ ڪپتان سان صلاح مشورا ڪري رهيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ شعيب ملڪ، وهاب رياض ۽ اعظم خان جي واپسي جو امڪان ناهي، جڏهن ته نوجوان بيٽسمين حيدر علي جي واپسيءَ جا امڪان آهن.
ذريعن موجب نوجوان فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي کي نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ به شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔