نيوزيلينڊ ۾ وري ”دهشتگردي“

ويلنگٽن : نيوزيلينڊ جي شهر آڪلينڊ ۾ هڪ جوابدار چاقو سان حملا ڪري 6 ڄڻن کي زخمي ڪري وڌو.
جوابدار آڪلينڊ جي هڪ سپر مارڪيٽ ۾ 6 شهرين کي چاقو حملن سان زخمي ڪيو، جنهن کي پوليس گولي هڻي ماري ڇڏيو.
هوڏانهن وزيراعظم جيسينڊا آرڊرن ان حملي کي دهشتگرد واقعو قرار ڏيندي چيو ته جوابدار سريلنڪن شهري هو ۽ هو عسڪريت پسند گروهه داعش جي نظرين مان متاثر هو.
آرڊرن موجب ملڪي سيڪيورٽي ايجنسيون حملو ڪندڙ کان واقف هيون ۽ ان تي سخت نظر رکي پئي وئي پر قانوني ڏکيائين سبب ان کي حراست ۾ نه وٺي سگهياسين.
واضح رهي ته آڪلينڊ ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ روڪڻ لاءِ سخت لاڪ ڊائون لاڳو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔