ڪراچي ۾ ناراض زال تي مڙس تيزاب هاري ڇڏيو، اسپتال منتقل

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي قيوم آباد ۾ گهريلو مامري تان مڙس پنهنجي زال تي تيزاب هاري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ عورت سڙي سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ساجد رياض پنهنجي گهر اوري تي تيزاب هارڻ کان پوءِ فرار ٿي ويو، متاثر عورت پنهنجي مڙس کان ناراض ٿي پنهنجي ماءُ جي گهر آيل هئي جتي هي واقعو پيش آيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته متاثر عورت ٽن ٻارڙن جي ماءُ آهي، سندس مڙس پرچائڻ لاءِ هن وٽ ڪيترائي ڀيرا اچي چڪو هو، عورت گهرن ۾ ڪم ڪندي آهي، جوابدار نشي جو عادي ٻڌايو پيو وڃي، تيزاب سان عورت جو چهرو ۽ جسم متاثر ٿيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔