ڪراچي جي واپارين پاران هڪ ڀيرو ٻيهر گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جو مطالبو

ڪراچي: ڪراچي جي واپارين پاران هڪ ڀيرو ٻيهر گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ڪراچي واپاري اتحاد پاران ڪاروبار هفتي ۾ 2 ڏينهن بند رکڻ ۽ شهر ۾ ڪاروبار رات 8 وڳي بند ڪرڻ واري اعلان بعد بک هڙتال شروع ڪري ڇڏي. واپارين پاران شرجيل گوپلاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بولٽن مارڪيٽ وٽ بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي وئي. شرجيل گوپلاڻي جو چوڻ آهي ته ٻين ضلعن ۾ ڪاروبار هفتي ۾ هڪ ڏينهن بند رکيو پيو وڃي ۽ ڪراچي ۾ 2 ڏينهن ڪاروبار بند رکڻ وارو شاهي فيصلو ڪيو ويو آهي.بک هڙتالي ڪئمپ تان اسان جا لاش نڪرندا، جائز مطالبا مڃي ڪاروبار جي اجازت ڏني وڃي، سنڌ حڪومت شهر سان تعصب وارو رويو اختيار ڪري پئي، وفاق گورنر راڄ لاڳو ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔