سيد علي گيلاني سري نگر ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي

ڪشمير جي آزادي جي معتبر ۽ بزرگ اڳواڻ سيد علي گيلاني کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڀارت ان موقعي تي به ڪشميرين جي آواز دٻائڻ جي لاءِ وادي ۾ اڻ اعلانيل ڪرفيو لاڳو ڪري رکيو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب سيد علي شاهه گيلاني کي فجر جي نماز کان اڳ سري نگر جي حيدر پوره جامع مسجد جي احاطي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. کيس سندس 2 پٽن ڊاڪٽر سيد نعيم گيلاني ۽ سيد نسيم گيلاني مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو. حريت اڳواڻن ۽ عوام کي جنازي نماز ۾ شرڪت کان روڪڻ جي لاءِ جامع مسجد ۽ سيد علي گيلاني جي رهائشگاهه ويجهو ڀارتي فوج ۽ ڪٺ پتلي پوليس جي وڏي نفري مقرر هئي جنهن سبب سندس گهر ڀاتي ۽ پاڙي وارا ئي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪري سگهيا. پر ان دوران به ڪشمير جي آزادي ۽ ڀارت جي خلاف نعرن جا آواز گونجندا رهيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔