اشتياق بيگ زوهيب حسن خلاف هڪ ارب روپيه هرجاڻي جي دعويٰ داخل ڪري ڇڏي

ڪراچي: گلوڪاره نازيه حسن جي مڙس مرزا اشتياق بيگ ان جي ڀاءُ زوهيب حسن جي خلاف هڪ ارب روپيه هرجاڻي جي دعويٰ داخل ڪري ڇڏي آهي.مرزا اشتياق بيگ طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته زوهيب حسن نجي ٽي وي چينلز کي ڏنل انٽرويو ۾ منهنجي مٿان ڪوڙا الزام لڳايا ۽ توهين جوڳي لهجي ۾ ڳالهيون ڪندو رهيو. مرزا اشتياق بيگ چيو ته نازيه حسن ڊگهي عرصي تائين ڪينسر ۾ مبتلا هئي پر زوهيب حسن انٽرويو ۾ نازيه حسن جي موت کي غير فطري قرار ڏنو.داخل ڪيل دعويٰ ۾ چيو ويو آهي ته نازيه حسن جي لاڏاڻي بابت برطانوي اختيارين جو ڊيٿ سرٽيفڪيٽ موجود آهي پر ان جي باوجود زوهيب حسن ان جي خلاف توهين جوڳي ۽ حقيقتن جي ابتڙ ڳالهيون ڪري رهيو آهي. ان ڪري زوهيب حسن کي ان جي خلاف بيان بازي کان روڪيو وڃي. مرزا اشتياق بيگ طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ زوهيب حسن کان پنهنجي بيان تي معافي گهرڻ ۽ هڪ ارب روپيه هرجاڻو ادا ڪرڻ جو مطالبو به ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔