بدقسمتي سان طالبان مٽيا ناهن، عوام ۽ انهن جي حقن لاءِ مزاحمت تي مجبور هونداسين: احمد مسعود

ڪابل: طالبان جي ڪابل تي قبضي کانپوءِ افغان عوام جي آخري اميد پنجشير صوبي ۾ ويٺل اڳوڻي جهادي ڪمانڊر احمد شاهه مسعود جو پُٽ احمد مسعود ئي بچيو آهي.
طالبان سڄي افغانستان تي قبضو ڪري چڪا آهن پر صوبي پنجشير ۾ هن وقت تائين مختلف دعوائن باوجود داخل به ناهن ٿي سگهيا.
پنجشير ۾ قومي مزاحمتي فرنٽ افغانستان (اين آر ايف اي) جي اڳواڻ احمد مسعود چيو آهي ته طالبان کي افغانستان جي سموري نسلي گروهن تي ٻڌل گڏيل حڪومت جي صورت ۾ ئي قبول ڪنداسين.
آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين کي ڏنل انٽرويو ۾ اڳوڻي جهادي ڪمانڊر احمد شاهه مسعود جي پُٽ احمد مسعود چيو ته اسان ڳالهين جي حق ۾ آهيون پر هن وقت تائين طالبان سان ڳالهين ۾ ڪابه اڳڀرائي ناهي ٿي.
احمد مسعود جو چوڻ هو ته طالبان سان سماجي انصاف، برابري، حقن، آزادي ۽ جمهوريت جي تحفظ لاءِ ڳالهيون ڪري رهيا آهيون.
قومي مزاحمتي فرنٽ افغانستان جي اڳواڻ چيو آهي ته جيڪڏهن جارحيت سان منهن ڏيڻو پيو ته پنهنجي زمين، عوام ۽ انهن جي حقن لاءِ مزاحمت تي مجبور هونداسين.
هن چيو ته بدقسمتي سان طالبان مٽيا ناهن، اسان سياسي طاقت ذريعي اڪثريت ۾ وڌيڪ آهيون، عدم برداشت ۽ دٻاءَ خلاف مزاحمت ڪري رهيا آهيون، گهڻ ثقافتي رياست تي طالبان کي حڪومت جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، جيڪڏهن طالبان ائين ڪندا ته اسان مزاحمت ڪنداسين.
احمد مسعود اهو به چيو ته اسان کي ڊگهي عرصي تائين مزاحمت ڪرڻ لاءِ مدد گهرجي.
سندس چوڻ هو ته طالبان حڪومت جي ڪمزوري جي ڪري ملڪ تي قبضو ڪيو، اڳوڻي افغان صدر اشرف غني طالبان سان وڙهڻ واري فوج ئي ختم ڪري ڇڏي، غني ۽ حمد الله محب جي فوجي جي فيصلا سازي جي عمل ۾ مداخلت فوج کي ڪمزور ڪيو، اهي ٻئي فوجي تربيت ۽ تجربو نه هجڻ جي باوجود جنگ بابت حتمي فيصلا ڪندا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔