ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ لاڪ ڊائون خلاف واپارين جي بک هڙتال

ڪراچي جي واپارين سنڌ حڪومت طرفان ڪراچي ۽ حيدرآباد جي واپاري مرڪزن ۾ لاڪ ڊائون کي غير منصفاڻو قدم قرار ڏيندي ايم اي جناح روڊ تي بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪري ورتي.
آل ڪراچي واپاري ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر محمد رضوان ٻڌايو ته حڪومت جي پنهنجي انگن اکرن موجب ڪراچي ۾ 44 سيڪڙو کان وڌيڪ شهرين ڪورونا کان بچاءُ جي ويڪسينيشن ڪرائي آهي پر ان جي باوجود ڪراچي ۾ ڪاروباري شعبن کي لاڪ ڊائون ۾ جڪڙيو ويو آهي، جنهن مان محسوس ٿئي ٿو ته ڪراچي ۾ سنڌ حڪومت طرفان لاڪ ڊائون جي حوالي سان ٻٽو معيار رکيو آهي.
هن چيو ته شهر جي سڀني کان وڏي ڪاروباري مرڪز ضلعي سائوٿ ۾ 84 سيڪڙو کان وڌيڪ ويڪسينيشن ٿي چڪي آهي، حڪومت رات 10 وڳي تائين ڪاروبار ڪرڻ جي اجازت ڏئي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن جيان ڪراچي جي واپارين لاءِ به هفتي ۾ هڪ ڏينهن ڏينهن جي موڪل جو اعلان ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔