موڊرنا ويڪسين بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون اچي ويو

آمريڪي ويڪسين موڊرنا هن وقت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ استعمال ڪئي وڃي ۽ ويڪسين جي حوالي سان سان تحقيقون به سامهون اينديون رهيون آهن ته اها ڪورونا وائرس خلاف اثرائتي نموني ڪم ڪري ٿي.
ان آمريڪي ويڪسين جون لکين خوراڪون پاڪستان به پهچايون ويون ۽ وڏي انگ شهرين پڻ اها ويڪسين لڳائي آهي.
پر هاڻ آمريڪي ويڪسين موڊرنا بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيو آهي ۽ جاپان ۾ موڊرنا ويڪسين ۾ شديد آلودگي ڏٺي وئي آهي.
موڊرنا انڪارپوريٽڊ ۽ ان جو جاپاني ساٿي آمريڪي دواساز ڪمپني کي ڪورونا وائرس ويڪسين جون هڪ ملين کان وڌيڪ خوراڪون واپس ڏئي رهيا آهن، ڇو ته ان جي شيشين ۾ گذريل هفتي آلودگي سسٽينليس اسٽيل جا ننڍا ذرا ڏٺا ويا.
تاڪيدا فارماسيوٽيڪل ڪمپني جاپان ۾ موڊرنا ويڪسين جي وڪري ۽ ورهاست جي انچارج آهي، ٻنهي ڪمپنين چيو آهي ته هڪ هسپانوي فيڪٽري ۾ جاچ دوران ويڪسين جي سيشين جي تياري دوران ڄاڻايل آلودگي نظر آهي.
ڪمپنين 26 آگسٽ تي آلودگي جي اطلاعن کانپوءِ ان ۾ پيدا ٿيندڙ 1.63 ملين خوراڪون معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
جاپاني عهديدارن موجب تقريبن ڏيڍ لک ماڻهن ان مسئلي جي منظر تي اچڻ کان اڳ موڊرنا جي شيشين جا شاٽس حاصل ڪيا هئا.
اها پريشاني اهڙي وقت سامهون آئي آهي، جڏهن جاپاني اختيارين صحت جي حوالي سان نظام تي دٻاءُ وڌڻ سبب ويڪسينيشن تيز ڪرڻ تي زور ڏنو آهي.
هوڏانهن دواسازي ۽ صحت واري وزارت جي عهديدار جو چوڻ آهي ته اسان نٿا مڃون اعليٰ درجي جو سسٽينليس اسٽيل صحت لاءِ خطرو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔