نانگ جي زهر سان ڪورونا وائرس جو علاج

هونئن ته ڪورونا وائرس خلاف ڪيتريون ئي ويڪسينز تيار ٿي چڪيون آهن ۽ انهن جو ماڻهن تي استعمال به ڪيو پيو وڃي پر ان حوالي سان ماهر اڃا خدشن جو شڪار آهن، ڇو ته ويڪسين جي استعمال باوجود ڪيترائي ماڻهو ڪورونا جو شڪار ٿي رهيا آهن، جڏهن ته ماهر ان نتيجي تي به نه پهچي سگهيا آهن ته ڪورونا خلاف سڀ کان اثرائتي ويڪسين ڪهڙي آهي، ڇو ته جتي ويڪسينز ماڻهن کي فائدو پهچايو آهي، اتي ئي وري انهن جا سائيڊ افيڪٽ به سامهون اچي رهيا آهن.
ڪورونا جي علاج لاءِ هيل تائين ڪيتريون ئي تحقيقون ٿي چڪيون آهن پر تازي تحقيق ۾ ان حوالي سان اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي.
تازي تحقيق ۾ برازيلي محققن دريافت ڪيو آهي ته هڪ قسم جي نانگ جي زهر ۾ موجود ليڪيول ڀولن جي جيو گهرڙن ۾ اڀرندڙ ڪورونا وائرس کي ٻيهر پيدا ٿيڻ کان روڪي ٿو، اهو ماليڪيول وائرس سان وڙهندڙ دوا تائين پهچڻ ۾ شروعاتي مرحلو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب ”ماليڪيولز“ سائنسي رسالي ۾ ڇپيل هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو ويو آهي ته ”گاراڪوسو“ نانگ جي زهر موجود ماليڪيول ڀولن جي جيو گهرڙن ۾ وائرس کي 75 سيڪڙو تائين ختم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
ماليڪيول اميونو ايسڊ جي هڪ چين آهي، جيڪو PLPro نالي ڪورونا وائرس مان هڪ انزائم کان ٻئي سان رابطو ڪري سگهي ٿو پر اهو جيو گهرڙن کي نقصان نٿو پهچائي.
يونيورسٽي آف سائو پالو جي پروفيسر رافيل گائڊو موجب اسان اهو چئي سگهون ٿا ته نانگ جي زهر جو اهو جُز وائرس ۾ هڪ اهم پروٽين کي روڪي سگهي ٿو، ماليڪيول اينٽي بيڪٽيريل خاصيتن لاءِ ڄاتو ويندو آهي ۽ ان کي ليبارٽرين ۾ ترڪيب ڪيو ويندو آهي، جنهن سان نانگ غير ضروري بڻجي ويندو آهي.
محقق ان کانپوءِ ماليڪيول جي مختلف خوراڪن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺندا ۽ اهو ڏسندا ته اهو وائرس کي جيو گهرڙن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ جي لائق آهي يا نه؟

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔