دي راڪ جي هم شڪل پوليس آفيسر جا سوشل ميڊيا تي چرچا

مشهور آمريڪي ريسلر ۽ هالي ووڊ اداڪار دي راڪ ڊوائن جانسن جي هم شڪل پوليس آفيسر جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪا جي ڪائونٽي مورگن جي شيرف فيس بڪ تي ليفٽيننٽ فيلڊز سان گڏ پنهنجي تصوير شيئر ڪئي جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي وائرل ٿيڻ شروع ٿي وئي.
رپورٽ موجب تصوير کي ڏسي سوشل ميڊيا واهپيدار حيران ٿي ويا ڇو جو ان ۾ موجود پوليس آفيسر بلڪل دي راڪ جهڙو آهي.
ٻي پاسي وائرل تصوير دي راڪ وٽ به پهچي وئي ۽ هو ان کي ڏسي حيران ٿي ويو.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ توئيٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ دي راڪ چيو ته پوليس آفيسر مون کان وڌيڪ سٺو نظر اچي رهيو آهي.
هن پوليس آفيسر کي مخاطب ڪندي لکيو ته اوهان محفوظ رهو، اوهان جي خدمتن لاءِ وڏي مهرباني! هڪ ڏينهن اسان ضرور ملنداسين. مون کي خبر آهي ته اوهان وٽ دي راڪ بابت ٻڌائڻ لاءِ گھڻيون ڪهاڻيون هونديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔