پي ايم ڊي اي ڪارو قانون آهي، منظوري سان آزاد صحافت جو وجود مٽجي ويندو: شهباز شريف

لاهور: قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته پي ايم ڊي اي ڪارو قانون آهي جنهن کي هر فورم تي روڪينداسين ۽ مذڪوره قانون جي منظوري سان آزاد صحافت جو وجود مٽجي ويندو.

رپورٽ موجب مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف جي صدارت هيٺ ميڊيا ڊوالپمينٽ اٿارٽي بابت پارٽي جو مشاورتي اجلاس ٿيو جنهن ۾ مسلم ليگ(ن) پارليامينٽ سميت هر فورم تي ميڊيا ڊوالپمينٽ اٿارٽي کي روڪڻ جو فيصلو ڪيو. ميڊيا بابت ڪاري قانون کي روڪڻ جي لاءِ اپوزيشن جي گڏيل ڪميٽي ٺاهڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. جڏهن ته ڪميٽي بل جي قانوني ۽ ٻين معاملن جو جائزو وٺي حڪمت عملي تجويز ڪندي. شهباز شريف پارٽي اڳواڻن کي صحافي تنظيمن سان ٿيندڙ ملاقات کان آگاهه ڪيو.

ان موقعي تي مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو ته ميڊيا ڊوالپمينٽ اٿارٽي جو رستو روڪڻ جي لاءِ سمورا قانوني آپشن استعمال ڪنداسين. ميڊيا جي سمورين تنظيمن ميڊيا ڊوالپمينٽ اٿارٽي کي رد ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پي ايم ڊي اي هڪ ڪارو قانون آهي ۽ ان کي هر فورم تي روڪينداسين. نام نهاد قانون جي تياري ۾ لاڳاپيل ڌرين سان صلاح مشورا نه ٿيا آهن.

مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته قانون جي تياري ۾ لاڳاپيل ڌرين کان تجويزون به ناهن ورتيون ويون ۽ حڪومت جو مقصد قانون سازي يا معاملا بهتر بنائڻ نه پر ميڊيا کي پنهنجو تابعدار بنائڻ آهي. هن چيو ته صحافي تنظيمن جي راءِ هن ڪاري قانون جي تياري ۾ شامل نه آهي جيڪڏهن هي ڪارو قانون منظور ٿيو ته ملڪ مان آزاد صحافت جو وجود مٽجي ويندو. آئين ۾ ڏنل اظهار جي آزادي ختم ڪرڻ جو رستو هر قيمت تي روڪڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔