سنڌ جي مختلف شھرن ۾ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان، ٻوڏ جو خطرو

ڪراچي: ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شھرن ۾ گجگوڙ سان گڏ برسات جي اڳڪٿي وئي آهي، جنهن ڪري هٺيانهين علائقن ۾ شهري ٻوڏ جو خطرو آهي.

موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته هو جو گهٽ دٻاءُ هجڻ ڪري سنڌ ۽ پنجاب ۾ پهرين کان  3 سيپٽمبر تائين برسات جو امڪان آهي.

سردار سرفراز چيو آهي گهٽ هوا جي دٻاءُ جي ڪري ڪراچي ۾ 4 سيپٽمبر تي تيز برساتن جو امڪان آهي.

هن چيو ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز ۽ وچولي برسات پوڻ جو به امڪان آهي جنهن جي ڪري ڪراچي، ٺٽو ۽ بدين جي هيٺاهين علائقن ۾ ٻوشهري ٻوڏ جو خطرو آهي.

ڊائريڪٽر موسميات کاتي چيو آهي ته هو جو گهٽ دٻاءُ 6 سيپٽمبر تائين بنگال جي خليج ۾ پيدا ٿي سگهي ٿو، جيڪو 8 ۽ 9 سيپٽمبر تائين مون سون اسپيل سنڌ ۾ وسي سگهي ٿو، ٻئي پاسي سول ايوي ايشن اٿارٽي برسات کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪراچي ايئرپورٽ تي هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، هاءِ الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته جهازن کي وزن سان گڏ ٻَڌو وڃي ته جيئين محفوظ رهي سگهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔