مولانا فضل الرحمان 8 سيپٽمبر تي پي ڊي ايم جو اهم اجلاس طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: مولانا فضل الرحمان 8 سيپٽمبر تي اسلام آباد ۾ پي ڊي ايم جو اهم اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.

رپورٽ موجب پي ڊي ايم اجلاس گهرائڻ جي لاءِ مولانا فضل الرحمان اهم اڳواڻن سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي ۽ پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان حڪومت کي هر محاذ تي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته پي ڊي ايم جو اهم اجلاس 8 سيپٽمبر تي اسلام آباد ۾ گهرايو ويندو جنهن ۾ ڪراچي ۾ ٿيندڙ اجلاس جي تجويزن تي غور ڪيو ويندو ۽ اسلام آباد طرف لانگ مارچ جي معاملن تي به حتمي راءِ ورتي ويندي.

اپوزيشن جي وڏي بيٺڪ ۾ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اپوزيشن جي حڪمت عملي تي به غور ٿيندو. جڏهن ته افغانستان جي تازي صورتحال ۽ اپوزيشن جي گڏيل حڪمت عملي تي به غور ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔