پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس، اپوزيشن پاران حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد: اپوزيشن پارٽين پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس دوران حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. رپورٽ موجب پارلياماني سال مڪمل ٿيڻ تي 13 سيپٽمبر تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس طلب ڪيو  پيو وڃي. جنهن کي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطاب ڪندو. ان موقعي تي اپوزيشن حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پارلياماني ذريعن جو چوڻ آهي ته اپوزيشن صدر جي خطاب دوران ايوان ۾ سخت احتجاج ڪندي. ان سلسلي  ۾ حڪومت جي 3 سالن واري حڪومتي دور ۾ عوام کي پيش ايندڙ مسئلن بابت پلي ڪارڊز تيار ڪيا ويندا. پارليامينٽ جي حد تائين سموريون اپوزيشن پارٽيون پاڻ ۾ اجلاس کان اڳ صلاح مشورا ڪنديون ۽ پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين کان علاوه پيپلز پارٽي، اي اين پي ۽ آزاد ميمبرن سان به صلاح مشورا ڪيا ويندا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کان اڳ مخالف ڌر جي پارٽين پاران اجلاس به گهرائڻ جو امڪان آهي. ٻئي طرف حڪومت به اپوزيشن جي امڪاني احتجاج تي جوابي حڪمت عملي جوڙيندي. ان حوالي سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر اڳوڻي اسپيڪر فهميده مرزا، پارلياماني معاملن جي صلاحڪار بابر اعواڻ سميت  ٻين سان صلاح مشورا ڪري ورتا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔