صحت واري کاتي ڪورونا ويڪسين خريداري لاءِ 50 ارب 10 ڪروڙ روپيا گهري ورتا

ڪراچي: قومي صحت واري کاتي ڪورونا ويڪسين جي خريداري لاءِ حڪومت کان 50 ارب 10 ڪروڙ روپيا گهري ورتا.

ميڊيا رپورٽس موجب صحت کاتي ڪورونا ويڪسين جي خريداري لاءِ رقم ايشيائي ترقياتي بينڪ مان ملندڙ قرض جي تحت طلب ڪئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ جي وچ ۾ 6 آگسٽ تي معاهدو ٿيو هو، جنهن تحت اي ڊي بي پاڪستان کي ڪورونا ويڪسين جي خريداري لاءِ 50 ڪروڙ ڊالر قرض ڏيڻ جي منظوري ڏني هئي.

ذريعن موجب ڪورونا ويڪسين جي خريداري لاءِ قرض جي منظور واري سمري اقتصادي رابطه ڪميٽي کي به موڪلي وئي.

سمري موجب پهرين مرحلي ۾ ويڪسين جي خريداري لاءِ 30 ڪروڙ ڊالر خرچ ڪيا ويندا، جنهن تحت صحت کاتو ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) ويڪسين جي خريداري ڪندي جڏهن ته رقم ٽيڪنيل سپليمنٽري گرانٽ تحت فراهم ڪئي ويندي.

واضح رهي ته هن کان اڳ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي طرفان به پاڪستان کي 2 ارب 77 ڪروڙ ڊالر ڏنا ويا آهن، هي رقم آءِ ايم ايف جي ايگزيڪٽو بورڊ جي منظوري کانپوءِ ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ فراهم ڪئي وئي آهي.

  • TAGS

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔