ڪورونا ڪيسز ۾ واڌ: پشاور جي 5علائقن ۾ اڄ رات 9 وڳي کان سمارٽ لاڪ ڊائون لڳائڻ جو فيصلو

پشاور: ڪورونا وائرس جي ڪيسز ۾ واڌ کان پوءِ پشاور جي 5 علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لڳائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

ڊپٽي ڪمشنر پشاور جي آفيس مان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پشاور جا پنج علائقا اعجاز آباد،  حيات اباد فيز 4، فيصل ڪالوني، فقيرا آباد ڪالوني، دله زاڪ روڊ ۽ زرياب ڪالوني ۾ ڪورونا پکيڙ تي سمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو پيو وڃي. نوٽيفڪيشن موجب ان علائقن ۾ اڄ 31 آگسٽ رات 9 وڳي کان سمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو ويندو.

سمارٽ لاڪ ڊائون جي دوران ان علائقن ۾ صرف ضروري کائڻ پيئڻ وارين شين، دوائن، جنرل اسٽور، تندور ۽ ايمرجنسي سروس جون دڪانون کليل رهنديون. ان علائقن جي مسجدن ۾ صرف 5 ماڻهن کي باجماعت نماز پڙهڻ جي اجازت هوندي. ڀڃڪڙي ڪندڙن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

ٻئي طرف خيبرپختونخواهه جي صحت کاتي چيو آهي ته صوبي ۾ ڪورونا  هاڪاري  ڪيسز جي روزاني شرح گهٽ ٿي 5 اعشاريه 5 سيڪڙو ٿي وئي آهي. ڪرڪ ۾ سڀني کان وڌيڪ هاڪاري ڪيسز جي شرح 43 سيڪڙو، پشاور ۾ 15، ڪوهاٽ ۾ 14 ۽ چترال  اپر ۾ 11 سيڪڙو رڪارڊ ٿي. صوبي جي 10 ضلعن ۾ ڪورونا ڪيسز جي شرح 5 سيڪڙو کان گهٽ آهي جڏهن ته 13 ضلعن ۾ ڪورونا هاڪاري ڪيسز جي شرح اڃان به ٻُڙي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔