حيدرآباد: اسٽيٽ لائيف ۾ ڏيڍ ڪروڙ گهوٻين جي ڪيس ۾ جوابدارن جي ضمانت منظور

حيدرآباد: اينٽي ڪرپشن سينٽرل ڪورٽ اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪمپني ۾ ڏيڍ ڪروڙ رپين جي مبينا خرد برد واري ڪيس ۾ رقم واپس ڪندڙ 3 جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ڇڏي. سينٽرل ڪورٽ جي جج نسيم جلال سومرو جوابدارن هريش ڪمار، عرفان ميمڻ ۽ فيصل معراج الدين کي 30,30 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.هفتو اڳ جوابدار هريش ڪمار 5 لک 60 هزار 179 رپيا، جوابدار عرفان ميمڻ 18 لک 24 هزار 416 رپيا ۽ جوابدار فيصل معراج الدين 80 هزار رپيا رقم جمع ڪرائي وڪيل معرفت ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي. وڪيلن استدعا ڪئي ته جوابدارن خرد برد واري رقم جمع ڪرائي آهي هاڻي سندن ضمانت منظور ڪئي وڃي.ايف آءِ اي ڪرائيم سرڪل حيدرآباد جوابدار محمد عرفان, خالد حسين, جاويد علي, فيصل ۽ هريش ڪمار خلاف جنوري 2021ع ۾ هڪ ڪروڙ 50 لک 75 هزار رپين جي خرد برد جو ڪيس داخل ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔