اليڪٽرونڪ ووٽنگ مشين هيڪ نه ٿي سگهندي، 15 سيڪنڊن ۾ نتيجو ملندو: شبلي فراز

اسلام آباد: سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته اسان 90 ڏينهن اندر اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ٺاهي آهي جيڪا 15 سيڪنڊن ۾ نتيجا ڏيندي. انجنيئرنگ يونيورسٽي پشاور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي شبلي فراز چيو ته اسان چونڊ سڌارن تي ڪم ڪيو آهي. اسان ووٽنگ ۾ ماڻهن جي بدران ٽيڪنالاجي استعمال ڪنداسين. وفاقي وزير چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۾ سڀ ڪجھ شفاف ۽ آسان هوندو ، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين انٽرنيٽ سان لاڳاپيل ناهي، ان کي هيڪ نٿو ڪري سگهجي، ووٽر رڪارڊ ووٽنگ مشين ۾ هوندو ، نتيجو 15 سيڪنڊن ۾ حاصل ڪيو ويندو.شبلي فراز چيو ته عام طريقي سان ڳڻپ ۾ 18 لک ووٽ ضايع ٿي ويا آهن، اليڪٽرانڪ مشين سان ووٽ ضايع نه ٿيندا.هن چيو ته جمهوريت کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين مان فائدو حاصل آهي، ايندڙ اليڪشن ٽيڪنالاجي جي مدد سان ٿيندي ، ووٽر جي رازداري کي ووٽنگ مشين ۾ محفوظ ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔