پ پ پاران وفاق جي زيادتين خلاف احتجاج جو شيڊول پڌرو

ڪراچي: پيپلز پارٽي سنڌ پاران وفاق جي زيادتين خلاف احتجاج جو شيڊول پڌرو ڪري ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي چيو آهي ته پيپلز پارٽي سنڌ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي هڪ خاص اجلاس ۾ حيدرآباد ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو.وفاقي حڪومت جي ظالمانه پاليسين ۽ سنڌ جي عوام خلاف زيادتين، پاڻي جي بندش، گئس جي بندش ، هزارين ملازمن جي برطرفي ۽ اين ايف سي ايوارڊ جاري نه ڪرڻ خلاف 5 سيپٽمبر کان احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي. جنهن مطابق 5 سيپٽمبر تي ڪشمور ضلعو ، 7 سيپٽمبر تي جيڪب آباد ضلعو ، 9 سيپٽمبر تي قمبر شهداد ڪوٽ ضلعو ، 10 سيپٽمبر تي شڪارپور ضلعو ، 12 سيپٽمبر تي لاڙڪاڻو ضلعو ، 13 سيپٽمبر تي سکر ضلعو ، 14 سيپٽمبر تي گهوٽڪي ضلعو ، خيرپور ضلعو 15 سيپٽمبر تي ، نوابشاھ ضلعو 16 سيپٽمبر تي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔