سنڌ جي اسڪول ۽ ڪاليج جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڪورونا کان بچاءُ جي ويڪسين لڳائڻ جو فيصلو

ڪراچي: صحت کاتي جي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوھو ۽ تعليم واري وزير سيد سردار شاھ جي گڏيل صدارت ۾ اھم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ صحت جي معاملن بابت پارلياماني سيڪريٽري قاسم سومرو، سيڪريٽري صحت ڪاظم جتوئي، سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري ۽ ٻين آفيسرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو. سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن ۾ ويڪسينيشن جو مرحلو 6 سيپٽمبر کان شروع ڪيو ويندو نائين ۽ ٻارهين ڪلاسن تائين 14 لک 200 کان وڌيڪ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ويڪسينيشن ڪئي ويندي. اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ويڪسين لاءِ صحت کاتي جون 2 ھزار 527 ٽيمون حصو وٺنديون. پھرين مرحلي ۾ ويڪسين ضلعي سطح تي ٿيندي جنھن کي بعد ۾ تعلقي سطح تي وڌايو ويندو. اسڪول انتظاميه ٻارڙن جي والدين سان رابطو ڪري رضامندي وٺندي. ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته ويڪسين مڪمل ٿيڻ جي صورت ۾ رجسٽريشن کي به يقيني بڻايو وڃي. سردار شاهه چيو ته اسڪولن ۾ ويڪسين جي سلسلي ۾ گھربل انتظام مڪمل ڪرڻ لاءِ تعليم کاتو سھڪار ڪندو، تدريسي عمل جي رواني ۽ ٻارڙن جي حفاظت لاءِ ويڪسين ڪرائڻ لازمي ھوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔