اپوزيشن وارا مارچ جو شوق پورو ڪن، عمران خان ڪيڏانھن به نه پيو وڃي:شيخ رشيد

اسلام آباد: وفاقي گھرو وزير شيد رشيد احمد چيو آھي تھ اپوزيشن جو قصو ڪوتاهه ٿي ويو، هاڻي ايندڙ چونڊن جي تياري ڪن، پاڪستان جي سياست تبديل ٿيڻ وڃي رهي آهي، پي ڊي ايم وارا اڃا لاري اڏي جي سياست ڪري رهيا آهن، اپوزيشن وارا مارچ جو شوق پورو ڪن، حڪومت آئين ۽ قانون پٽاندڙ رويو رکندي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران وفاقي گهرو وزير چيو ته اپوزيشن سياست تبديل نه ڪئي ته ڦاسي پوندي، ٻن سالن ۾ نيب ڪيسز تي به فيصلا ٿيڻ وڃي رهيا آهن، ملڪي حالتون اهڙيون آهن جو عمران خان ڪيڏانهن به نه پيو وڃي، نواز شريف ڏيهه واپس اچي، 24 ڪلاڪن ۾ پاسپورٽ ڏينداسين. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته طالبان ٽي ٽي پي جي حد تائين خاطري ڪرائي آهي ته کين پاڪستان خلاف افغان سرزمين استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، طالبان جو به داعش سان ورهين کان جهيڙو آهي، داعش جا ويڙهاڪ افغان پهاڙين تي ويٺل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔