جيالن جي حڪومت اچڻ واري آهي، سِر جو جواب پٿر سان ڏينداسين:بلاول ڀٽو

سکر: پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي تھ جيالن جي حڪومت اچڻ واري آهي، سِر جو جواب پٿر سان ڏينداسين، پي ٽي آءِ جي پهرين ۽ آخري حڪومت آهي، ايترو ظلم ڪريو، جيترو پاڻ سهي سگهو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سکر ۾ جيالن کي خطاب ڪندي چيو آهي ته جيالا تياري ڪن، اسان پنهنجي جدوجهد ڪنداسين، غير جمهوري ۽ سليڪٽيڊ حڪومت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ عوام جي وچ ۾ آهيون، حڪمرانن کي خبر آهي ته سندن مقابلو تپيدارن يا مولانا سان نه، پر جيالن سان آهي، اپوزيشن ليڊر پ پ جو هجي ته جيل ۾، لاهور جو اپوزيشن ليڊر مزا وٺي رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو تھ عمران خان ٻڌائي ته هو پاڻ ڪيترو وقت جيل ۾ رهي سگهي ٿو، حڪومت نااهلي سبب ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري چوٽ چڙهي وئي، حڪمرانن عوام کي لاوارث ڇڏي ڏنو آهي، سکر جي دوري دوران ڪارڪنن طرفان نعرن جي گونج ۽ گلن جي ورکا سان بلاول ڀٽو زرداري جي آجيان ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔