ڪورونا ڪيسز ۾ واڌ: اسلام آباد جي ست علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو

اسلام آباد: ملڪ جي راڄڌاني جي 7 علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن جون پابنديون ٻئي حڪم اچڻ تائين برقرار رهنديون.

تفصيل موجب اسلام آباد جي سيڪٽر جي 9 ٿري ڪورونا سبب سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي جنهن سبب 8 گهٽيون بند ڪيون ويون آهن. ان کان علاوه سيڪٽر جي 7 ٽو، آءِ 10 ٽو، جي 9 ٽو جي متاثر گهٽين ۾ به سمارٽ  لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي.

انتظاميه سيڪٽر جي 9 ون، اي 11 فور ۽ آءِ 10 فور جي متاثر گهٽين ۾ رنڊڪون بيهاري ڇڏيون آهن. متاثر علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيل پابنديون 30 آگسٽ کان ٻئي حڪم اچڻ تائين لاڳو رهنديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔