شهباز شريف خلاف مضبوط ڪيس آهن، هو هاڻ سياست ڇڏي وڪيلن سان وقت گذاري: فواد چوڌري

اسلام آباد: سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته شهباز شريف سياست ڇڏي وڪيلن سان وڌيڪ وقت گذاري.

وفاقي وزير فواد چوڌري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته شهباز شريف سياست ڇڏي ڏئي ۽ وڪيلن سان گهڻو وقت گذاري. شهباز شريف جي خلاف مضبوط ڪيس آهن  مون کي نٿو لڳي ته هو گهڻو وقت تقريرون ڪري سگهندو. هن چيو ته شهباز شريف نوازشريف کي مشورو ڏئي ته هو پاڪستان اچي ڪيسن کي منهن ڏئي لنڊن ۾ ويٺل  ماڻهن کي ڪيتري فڪر آهي ان جي اسان کي خبر آهي. فواد چوڌري چيو ته شهباز شريف عالمي طاقتن کان ڊنل آهي ان لاءِ  هن افغانستان مسئلي تي هڪ لفظ به ناهي چيو. شهباز شريف قائداعظم جي مزار تي حيران ڪندڙ پريس ڪانفرنس ڪئي.

ان کان اڳ پرڏيهي نيوز ايجنسي کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته عالمي برادري افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏيندي. قومي ايئر لائين(پي آءِ اي) جي ذريعي 4 هزار 500 ماڻهن کي ڪابل مان ڪڍيو ويو. هن چيو ته پاڪستان افغانستان جي حوالي سان ذميواراڻو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ افغانستان ۾ سمورن ڌرين تي ٻڌل حڪومت جي لاءِ عالمي طاقتن سان رابطو آهي. پاڪستان 35 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته افغانستان کي شدت پسند تنظيمن جو مرڪز نه بنجڻ گهرجي ۽ افغانستان ۾ عدم استحڪام سان پناهگيرن جو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو. پر هن وقت افغان پناهگيرن کي ڪوبه بحران نه آهي. پاڪستان مستحڪم افغانستان جي لاءِ ڪوشان آهي.

هن چيو ته پيچيده صورتحال سبب افغانستان ۾ مخلوط حڪومت جي ضرورت آهي. جڏهن ته افغانستان ۾ بدامني نه صرف پاڪستان پر سموري دنيا جي لاءِ نقصان ڏيندڙ آهي. فواد چوڌري چيو ته اسان جي سرحدن تي معمول موجب ڪم جاري آهي. جڏهن ته اسان ڪابل مان پرڏيهي شهرين ۽ پرڏيهي ادارن سان جڙيل ماڻهن ماڻهن کي ڪڍيو آهي. افغانستان پناهگيرن جي لاءِ سرحدن تي انتظام ڪيا ويا آهن ۽ افغان پناهگيرن جي حوالي سان جامع حڪمت عملي واضح ٿي چڪي آهي. هن چيو ته افغان پناهگيرن جي حوالي سان ماضي جي صورتحال پيدا نه ٿيندي. جڏهن ته دنيا افغان پناهگيرن جي چيلنج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي مدد ڪري. ماضي ۾ افغانستان جي باري ۾ عمران خان جي مشوري کي نظر انداز ڪيو ويو.

وفاقي وزير چيو ته افغانستان جي اڳوڻي صدر اشرف غني عام چونڊون نه ڪرايون  ۽ نه ئي جامع حڪومت جوڙي. افغانستان ۾ جامع حڪومت ۽ عام چونڊون نه ڪرائڻ سان مسئلن جنم ورتو. هن چيو ته افغانستان ۾ جامع حڪومت جي حمايت ڪنداسين. چين، روس، پاڪسستان ۽ افغانستان تي گڏيل ٽرائيڪا پلس اهم آهي. پاڪستان ۽ ترقي افغانستان جي معاملي تي گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔