ڪورونا وبا وڌيڪ 66 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، 38 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مختلف قسمن وڌيڪ 66 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن. جڏهن ته هن وبا جي گڏيل مريضن جو انگ 93 هزار 690 ٿي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل ڏينهن ملڪ ۾ ڪورونا جا 56 هزار 279 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان 3800 ڄڻن ۾ وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي. اهڙي طرح ڪورونا جي گڏيل ڪيسز جي شرح 6.75 سيڪڙو رهي. اين سي او سي موجب هينئر تائين ملڪ ۾ 11 لک 56 هزار 281 مريضن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي جن مان 10 لک 36 هزار 921 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

ملڪ ۾ گذريل ڏينهن ڪورونا وگهي 66 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن. اهڙي طرح هينئر تائين هي وبا ملڪ ۾ 25 هزار 670 مريضن کان حياتيون کسي چڪي آهي. هن وقت ڪورونا جا 93 هزار 690 گڏيل مريض آهن جن مان 5 هزار 612 جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔