ننڍن صوبن جي ترقي سان پاڪستان اڳيان وڌندو، ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ نوازشريف ختم ڪئي: شهبازشريف

ڪراچي: مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ نوازشريف جي محنت ۽ جدوجهد سان ختم ٿي.

رپورٽ  موجب مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف ڪراچي ۾ قائداعظم جي مزار تي  حاضري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته جيستائين ننڍا صوبا ترقي نه ڪندا پاڪستان جي ترقي ممڪن نه آهي. هن چيو ته رب پاڪ پاڪستان اسان کي انعام جي طور تي عطا ڪيو. هتي قانون جي حڪمراني هوندي ۽ سڀني کي سندن محبت جو ڦل ملندو. مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته 20-20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪنهن جادو سان ختم نه ٿي هئي.

لوڊشيڊنگ نوازشريف جي محنت ۽ جدوجهد سان ختم ٿي. هن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ مهانگائي وڌي وئي آهي جنهن سبب اسان سڀ شرمنده آهيون. پاڪستان جا 2 ٽڪڙا ٿي ويا  پر اسان سبق نه سکيو. قائداعظم هڪ فلاحي رياست جو خواب ڏٺو هو پر اڄ اسان حقيقي منزل کان ڪافي پري آهيون. شهباز شريف چيو ته اسان اها رياست چاهيون ٿا جنهن ۾ انصاف ۽ غربت جو خاتمو ٿئي. جيڪڏهن اسان عهد ڪريون ته سچائي ۽ محنت سان پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪري وٺنداسين.

هن  چيو ته گرين لائن مسلم ليگ(ن) جو منصوبو هو جيڪو اسان سنڌ ۽ ڪراچي جي عوام کي تحفو ڏنو هو. ايندڙ چونڊن بابت ڳالهيون ڪندي شهباز شريف چيو ته 2023 جون چونڊون شفاف ٿيڻ گهرجن ۽ ايندڙ عام چونڊن ۾ سمورين سياسي پارٽين کي ملڪ جي خدمت ڪرڻ جو موقعو ملڻ گهرجي. هن چيو ته موجوده حڪومت نالائق ۽ نااهل آهي. گذريل 74 سالن ۾ اسٽيبلشمينٽ ڪنهن کي ايترو سپورٽ ناهي ڪيو جيترو هن حڪومت کي ڪيو. عوام جنهن کي به خدمت جو موقعو ڏئي اها انهي جي مرضي آهي. شهباز شريف چيو ته موجوده حڪومت چور دروازي کان آئي آهي. (ن) ليگ سنڌ جي لاءِ تاريخي ڪم ڪيا جيڪڏهن موقعو مليو ته ڪراچي کي ايشيا جو پيرس ٺاهينداسين.

افغانستان صورتحال تي ڳالهيون ڪندي شهباز شريف چيو ته افغانستان جي صورتحال سڀني جي سامهون آهي ۽ افغانستان ۾ افغان عوام کي پنهنجي قسمت جو فيصلو پاڻ ڪرڻو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔