ڪابل ايئرپورٽ ڀرسان راڪيٽ حملو، ٻه ڄڻا مارجي ويا

ڪابل: افغان تخت گاهه ڪابل جي حامد ڪرزئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڀرسان هڪ راڪيٽ حملي ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا آهن.
برطانوي ميڊيا موجب ڪابل ايئرپورٽ جي علائقي ۾ راڪيٽ حملو ٿيو، جنهن ۾ هڪ گهر کي نشانو بڻايو ويو. ڌماڪي واري هنڌان دونهون اٿندي نظر آيو ۽ ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي ڪيتريون ئي ويڊيوز به گردش ڪري رهيون آهن پر انهن جي تصديق ناهي ٿي سگهي.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته حملي ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿيا آهن، مارجي ويلن ۾ هڪ ٻار به شامل آهي.
واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ به ڪابل ايئرپورٽ تي ڌماڪا ٿيا هئا، جنهن جي نتيجي ۾ 13 آمريڪي فوجين ۽ ٻن برطانوي شهرين سميت 170 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا، انهن ڌماڪن کان ٻه ڏينهن اڳ آمريڪي صدر جو بائيڊن حملي جو الرٽ جاري ڪيو هو.
گذريل ڏينهن پڻ آمريڪي صدر هڪ ڀيرو ٻيهر ڪابل ايئرپورٽ تي حملي جو خدشو ظاهر ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔