طاقتور ڪير؟ نکيٽي کان اڳ گهوٽ ڪنوار ۾ پشُ اپس جو مقابلو

نئين دهلي: هر گهوٽ ڪنوار جي خواهش هوندي آهي ته انهن جي شادي ۾ ڪجهه منفرد ٿئي ته جيئن ماڻهو انهن جي شادي کي وڏي عرصي تائين ياد رکن. ڪنوار تيار ٿي جتي ميڪ اپ ۽ عروسي لباس ۾ گهڻي چُرپر کان پرهيز ڪندي آهي، اتي ئي گهوٽ به ان ڳالهه جو خيال رکندو آهي ته ڪٿي ان جا ڪپڙا نه خراب ٿي وڃن. پر تازي وائرل ٿيل گهوٽ ڪنوار جي ويڊيو ۾ سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ نظر آيو، جنهن کي ڏسندڙ حيران رهجي ويا. تازو سوشل ميڊيا تي هڪ ڀارتي جوڙي جي ويڊيو وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ ڪنوار کي ڳاڙهي عروسي جوڙي ۽ گهوٽ کي شيرواني ۾ پُش اَپس لڳائيندي ڏسي سگهجي ٿو. اها ويڊيو سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي ”وٽي ويڊنگ“ نالي پيج طرفان شيئر ڪئي وئي آهي، جنهن تي صارفين مختلف قسمن جا تبصرا ڪري رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔