واٽس ايپ جي بند اڪائونٽ کي بحال ڪرڻ جو طريقو

واٽس ايپ پنهنجي واهپيدارن لاءِ گوگل پلي بيٽا پروگرام تحت وري هڪ نئين فيچر تي ڪم ڪري ڇڏيو آهي.
جيڪڏهن اوهان واٽس ايپ جي خدمن کي درست طريقي سان استعمال ڪري رهيا آهيون ته ان ۾ ڪو به حرج نه آهي پر گھڻا واهپيدار مختلف سبب جي ڪري واٽس ايپ تي پابندي کي منهن ڏئي رهيا آهن.
مثال طور جيڪڏهن علم ۾ آڻڻ کان سواءِ اوهان کي ڪنهن اهڙي گروپ ۾ شامل ڪيو وڃي جتي واٽس ايپ جي قاعدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ٿيندي هجي ته اوهان به پابندي کي منهنجي ڏئي سگھو ٿا. پر هاڻ ان نئين فيچر تحت اوهان پابندي جي خلاف نظرثاني جي دروخواست ڪري سگھو ٿا.
مهينو اڳ واٽس ايپ آءِ او ايس لاءِ ايپليڪيشن ۾ هڪ نئين ٽول ”بين ريويو“ تي ڪم جي شروعات ڪئي هئي.
بين ريوو جي مدد سان اهڙن واهپيدارن جن جو اڪائونٽ ڪنهن سببن جي ڪري بند ٿي ويو آهي ته اهي ايپليڪيشن تان سڌيءَ ريت واٽس ايپ کي نظرثاني رپورٽ موڪلڻ جي اهل هوندا.
ايندڙ ايپ ڊيٽ ۾ اهو فيچر اوهان جي واٽس ايپ ۾ شامل ٿي ويندو ۽ اوهان پنهنجي صورتحال موجب نظرثاني جي درخواست ڪري سگھو ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔