ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان رڪجي نه سگهيو

حڪومت ملڪ ۾ جاري مهانگائي جي طوفان کي ڪنٽرول نه ڪري سگهي جنهن سبب هلندڙ هفتي به اٽي ۽ کنڊ سميت ڪيترين ئي عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي.شماريات کاتي طرفان جاري ڪيل هفتيوار رپورٽ موجب هلندڙ هفتي اٽو، کنڊ، گيهه، ڪوڪنگ آئل، تازو کير، ڏهي، مرغي جو گوشت، آنا، بصر ۽ ٿوم سميت 22 عام واهپي واريون شيون مهانگيون ٿي ويون. مسور جي دال جي في ڪلو قيمت ۾ 14 روپيه 66 پئسن جو اضافو ٿيو جڏهن ته ٿوم جي في ڪلو قيمت ۾ 12 روپيه 74 پئسا اضافو ڪيو ويو.تازن انگن اکرن موجب زنده مرغي جي في ڪلو قيمت ۾ 15 روپيه 30 پئسا اضافو ٿيو. جڏهن ته ٽماٽا ۽ ايل پي جي سميت 5 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي. رپورٽ موجب هڪ هفتي ۾ 24 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔